اسلام آباد: والاريل ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ حملي جي نتيجي ۾ 26 سياحن جي فوتگين تي پرڏيهي وزارت جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي.
ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ پرڏيهي وزارت طرفان رد عمل ڏيندي چيو ويو آهي ته والاريل جمون ڪشمير جي ضلعي اننت ناگ ۾ حملي جي نتيجي ۾ سياحن جي فوتگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته واقعي ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعاگو آهيون.
ياد رهي ته والاريل ڪشمير جي سياحتي هنڌ پهلگام ۾ نامعلوم ماڻهن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري موقعي تان فرار ٿي ويا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب بيرسن ميڊوس ۾ تفريح جي لاءِ آيل سياحن کي نشانو بنايو آهي. حملي کان پوءِ ڀارتي ميڊيا بنا ثبوت پاڪستان جي خلاف زهر اوڳاڇڻ شروع ڪري ڏنو. حملي ۾ 26 سياح مارجي ويا هئا ۽ 12 زخمي ٿي پيا هئا.، اڪثر سياحن جو تعلق گجرات ۽ ڪرناٽڪ سان ٻڌايو پيو وڃي.