لاهور: پنجاب ۾ وائرل بيمارين جي پکڙجڻ جي خطري سبب الرٽ جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڊينگي، نمونيا، انفلونزا، اُرڙي، ڪاري کنگهه ۽ نيگليريا جهڙيون بيماريون ڪر کڻي سگهن ٿيون.
پنجاب جي ڊي جي هيلٿ بيمارين بابت خط جاري ڪيو، جنهن ۾ لاهور سميت سموري صوبي جي اسپتالن کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو، جڏهن ته لاڳاپيل انتظاميا کي علاج لاءِ ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ڊي جي هيلٿ جو چوڻ آهي ته اسپتالن ۾ آگاهي لاءِ بينر لڳايا وڃن ۽ ڪائونٽر قائم ڪيا وڃن، جڏهن ته ضروري دوائون موجود هجڻ گهرجن.
خط ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته مريضن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن وائرل بيمارين کي ڪنٽرول ڪيو وڃي