ڪراچي : پاڪستاني اداڪارا ۽ هدايتڪار انجيلن ملڪ پنهنجي صحت ۾ بهتري لاءِ مداحن کان دعائن جي اپيل ڪئي آهي.
انجيلن ملڪ ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جهيڙي رهي آهي، جنهن بابت هن ڪجهه وقت اڳ سوشل ميڊيا تي آگاهه ڪيو هو، ان کانپوءِ شوبز جي ڪيترين ئي شخصيتن سندس صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو هو.
هاڻي اداڪارا ٻيهر انسٽاگرام تي اسپتال جي بستري تان پنهنجي تصوير شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ سندس هٿ ۾ تسبيح به ڏسي سگهجي ٿي.
واضح رهي ته انجيلن ملڪ هن وقت ڪيموٿراپي جي تڪليف ڏيندڙ مرحلي مان گذري رهي آهي، تنهنڪري هن مداحن کان دعائن جي اپيل ڪئي آهي.
