جائزه مشن 3 مارچ تي پهچندو، پگهاردار طبقي کي رليف آءِ ايم ايف جي راضپي سان مشروط

اسلام آباد: آءِ ايم ايف جائزه مشن 3 مارچ تي اقتصادي جائزي جي لاءِ پاڪستان پهچندو. رپورٽ موجب آءِ ايم ايف سان اقتصادي جائزه ڳالهيون 15 مارچ تائين جاري رهنديون. نيٿن پورٽر جي اڳواڻي ۾ 9 رڪني وفد پاڪستان جو دورو ڪندو.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب ڳالهيون ٻن مرحلن ۾ ٿينديون. ڳالهيون ٽيڪنيڪي ۽ پاليسي سطح جون ٿينديون. آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال 26-2025 جي بجيٽ لاءِ تجويزون ڏيندو.

ذريعن موجب پگهاردار طبقي کي رليف آءِ ايم ايف جي راضپي سان مشروط هوندو. ناڻي واري وزارت، توانائي ۽ منصوبه بندي ۽ اسٽيٽ بينڪ سان ڳالهيون ڪيون وينديون، ايف بي آر، اوگرا، نيپرا سميت ٻيا ادارا به ڳالهين واري عمل ۾ شامل هوندا.

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته چئني صوبن سان ڌار ڌار ڳالهيون ڪيون وينديون، جڏهن ته ڪلائميٽ فنانسنگ تي اڄ پنجاب ۽ بلوچستان سان ڳالهيون ڪيون وينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔