ڪراچي: ٽرائي سيريز جو فائنل نيشنل بئنڪ جي اسٽيديم ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ۾ کيڏيو پيو وڃي. پاڪستاني ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. سندس چوڻ هو ته پچ بيٽنگ لاءِ سازگار لڳي رهي آهي ۽ لڳي ٿو ته هي هاءِ اسڪورنگ ميچ هوندي. هن ٻڌايو ته هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي محمد حسنين جي جاءِ تي فهيم اشرف کي کيڏايو ويو آهي. پهريون اوور جيڪب ڊفي ڪرايو جنهن م بن چوڪن جي مدد سان فخر الزمان 10 رنسون ٺاهيون.