حيدرآباد: 19 فيبروري کان شروع ٿيندڙ آءِ سي سي چيمپين ٽرافي جي نياز اسٽيڊيم ۾ رونمائي تقريب ٿي گذري

حيدرآباد: 19 فيبروري کان شروع ٿيندڙ آءِ سي سي چيميپن ٽرافي جي نياز اسٽيڊيم ۾ رونمائي تقريب ٿي گذري، جتي شهرين جو وڏو انگ ٽرافي کي ڏسڻ لاءِ پهچي ويو.

آءِ سي سي چيميپن ٽرافي کي ملڪ جي مختلف شهرن کان ٿيندي اڄ حيدرآباد نياز اسٽيڊيم ۾ پهچايو ويو، جتي ڪرڪيٽ جو شوقين عوام وڏي انگ ۾ ٽرافي کي ڏسڻ لاءِ پهچي ويو. انهي موقعي تي چيمپين ٽرافي کي ڏسڻ جي لاءِ پهتل ماڻهن ۽ نوجوانن ٻڌايو ته ڪافي خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته اڄ آءِ سي سي چيمپين ٽرافي پهتي آهي جنهن کي ڏسڻ لاءِ ڪرڪيٽ جا شوقين وڏي انگ ۾ پهتا آهن. هنن چيو ته اسان کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته پي سي بي ۽ آءِ سي سي جو وفد به هتي پهتل آهي. جن نياز اسٽيڊيم جو معائنو پڻ ڪيو آهي. ڪرڪيٽ جي شوقينن چيو ته هن وقت نياز اسٽيڊيم کي بهترين سهولتن سان نوازيو ويو آهي، هاڻ هتي هڪ دفعو ٻيهر ڪرڪيٽ جا انٽرنيشنل ميچ ڪرايا ويندا جنهن ۾ ڪرڪيٽ جا شوقين به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا.

ٽرافي کي ڏسڻ لاءِ آيل ماڻهن جو چوڻ هو ته اها وڏي خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته هاڻ هتي ڪرڪيٽ جا ميچ ٿيندا جنهن ۾ نوجوانن کي تفريح ملندي ۽ هو ڪرڪيٽ راند طرف متوجه ٿي سگهندا. پهريان نوجوانن ۾ ڪرڪيٽ جي دلچسپي ختم ٿي وئي هئي نياز اسٽيڊيم جي ٻيهر تعمير سان هاڻ انهن ۾ ڪرڪيٽ جو شوق ٻيهر وڌي ويو آهي. هاڻ انشاءَالله نياز اسٽيڊيم کي راندين سان سجايو ويندو. هنن اميد ظاهر ڪئي ته هاڻ انٽرنيشنل ميچ نياز اسٽيڊيم ۾ ڪرايا ويندا جنهن  سبب نوجوانن کي تفريح جو موقعو ملي سگهندو ۽ حيدرآباد جو عوام راندين مان لطف اندوز ٿي سگهندو. نوجوانن چيو ته اسان پاڪستاني ٽيم کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ موجود هونداسين ۽ دعاگو آهيون  ته هي ٽرافي پاڪستاني ٽيم کٽي پاڪستان کڻي ايندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔