صدر ٽرمپ جو حڪم معطل، يو ايس ايڊ جا ملازم بحال

واشنگٽن: آمريڪا جي ڊسٽرڪٽ جج ڪارل نڪولس آمريڪي امدادي اداري يو ايس ايڊ جي 2700 ورڪرز کي جبري موڪل تي موڪلڻ وارو صدر ٽرمپ جو حم عارضي طور معطل ڪري ڇڏيو آهي. عدالتي حڪم تي پگهار سميت اڳ ۾ ئي جبري موڪل تي موڪليل 500ورڪر به بحال ٿي ويا آهن. صدارتي حڪم موجب ڇنڇر کان انهن ملازمن کي موڪل تي وڃڻو هو پر جمعي تي عدالت 14 فيبروري تائين کين ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڏنو آهي. جج ڪارل نڪولس کي صدر ٽرمپ پهرين ٽرم ۾ مقرر ڪيو هو. عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا کا ٻاهر جيڪي ملازم ڪم ڪن ٿا انهن کي ريلوڪيٽ نه ڪيو ويندو. صدر ٽرمپ 60 ارب ڊالر جي بجيٽ سان دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ غريبن لاءِ امدادي پروگرام جاري رکڻ واري اداري کي فضول قرار ڏئي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، صدر ٽرمپ گڏيل قومن جي مختلف امدادي ادارن جي بجيٽ به معطل ڪئي هئي. ان کان اڳ هڪ ٻئي آمريڪي عدالت صدر ٽرمپ جي خاص نمائندي ايلون مسڪ جي ٽيم کي ٽريزري جي اهم رڪارد تائين رسائي ڏيڻ تي به عارضي پابندي مڙهي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔