غزه مان فلسطينين جي نيڪالي کي رد ڪيون ٿا، اردن

واشنگٽن : اردن جي پرڏيهي وزير ايمن صفادي آمريڪي صدر ٽرمپ جي اردن ۽ مصر ۾ فلسطينين کي پناهه ڏيڻ جي بيان جي جواب ۾ چيو ته هو غزه مان فلسطينين جي ڪنهن به نيڪالي کي سختي سان رد ڪري ٿو.پرڏيهي وزير ايمن صفادي هڪ بيان ۾ چيو ته فلسطينين جي نيڪالي تي اردن جو موقف مضبوط ۽ اٽل آهي.عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اردن اڳ ۾ ئي قبضي هيٺ علائقن مان بي گھر ٿيل لکين فلسطينين جي ميزباني ڪري رهيو آهي.گڏيل قومن موجب، اردن ۾ 2.3 ملين رجسٽرڊ فلسطيني پناهگير آهن، جڏهن ته عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته ٽرمپ وڌيڪ فلسطينين کي آباد ڪرڻ لاءِ اردن ۽ مصر جي امداد روڪڻ جي ڌمڪي ڏئي سگهي ٿو.گذريل هفتي، آمريڪا اسرائيل ۽ مصر کان سواءِ سڀني پرڏيهي امداد کي روڪي ڇڏيو.عرب ميڊيا موجب، اسرائيل کان پوءِ اردن ۽ مصر کي وچ اوڀر ۾ سڀ کان وڌيڪ آمريڪي امداد ملي ٿي.ياد رهي ته اردن ۽ مصر ماضي ۾ چيو آهي ته اهي وڌيڪ فلسطيني پناهگيرن کي قبول نه ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔