لنڊن : پهريان شمسي توانائي تي هلندڙ گاڏيون سائنس فڪشن تائين محدود هيون، پر مختلف ڪمپنيون هاڻي ان کي ممڪن بڻائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اوهان کي لڳي ٿو ته انهن گاڏين کي بجلي سان چارج ڪرڻ جي ضرورت ناهي، ته پهريان ائين ممڪن نه هو، پر هاڻي هڪ ڪمپني هن سلسلي ۾ وڏي اڳڀرائي ڪئي آهي.ايپٽيرا نالي ڪمپني جي سولر ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪندڙ گاڏيءَ کي ڪافي حد تائين بجلي سان چارج ڪرڻ جي ضرورت ناهي. سولر اي وي نالي ڪار جي تياريءَ جو بنيادي مقصد ئي شمسي توانائي سان ليس گاڏين لاءِ بجلي ذريعي چارجنگ جي ضرورت ختم ڪرڻ آهي. ڪمپني جو دعويٰ آهي ته روزاني اها ڪار سج جي روشني کان ايتري توانائي حاصل ڪري ٿي جو 40 ميل تائين سولائيءَ سان سفر ڪري سگھي ٿي. بس اوهان ڪاڏي به وڃو، پيٽرول يا بجلي جي ڳڻتي نه ڪريو. هونئن اها ڪار اسپيس شپ جهڙي آهي، پر اها اُڏڻ بدران روڊ تي ڊوڙي ٿي. ٽن ڦيٽن واري ڪار ۾ اهو خيال رکيو ويو آهي ته ان جو وزن گهٽ کان گهٽ هجي، اهو ئي سبب آهي جو ان جي ڊيزائن ۾ اهو يقيني بڻائڻ لاءِ خاص ڌيان ڏنو ويو آهي. ان جي سطح تي لڳ ڀڳ هر هنڌ سولر پينلز نظر اچن ٿا، جيڪي مجموعي طور تي 700 واٽ توانائي سج جي روشني کان حاصل ڪن ٿا. ان کانسواءِ ڪار ۾ هڪ 45 ڪلو واٽ جي بيٽري موجود آهي جيڪا بجلي سان چارج ڪرڻ تي سواري کي هلڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿي. ڪمپني موجب، هي ننڍي بيٽري آساني سان گهر جي ڪنهن به پوائنٽ کان چارج ٿي سگهي ٿي ۽ مڪمل چارج ٿيڻ تي 400 ميل تائين سفر ڪرڻ جي سهولت مهيا ڪري ٿي. هيءَ گاڏي 6 سيڪنڊن اندر ٻڙي کان 60 ميل في ڪلاڪ جي رفتار حاصل ڪري ٿي. في الحال اها گاڏي باظابطا طور تي وڪري لاءِ پيش ناهي ڪئي وئي، پر پري آرڊر ۾ دستياب آهي ۽ ان جي قيمت 40 هزار ڊالرز مقرر ڪئي وئي آهي. ڪمپني پُراميد آهي ته پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ سبب ماڻهو هن انوکي ڪار ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺندا.