ڊجيٽل ورلڊ ۾ اٽڪل هر شئي تي پاسورڊ جو استعمال ٿئي ٿو، توڙي اهو اوهان جو ڪمپيوٽر هجي يا موبائل فون، سوشل ميڊيا اڪائونٽس هجن يا بينڪنگ ايپس، ذاتي معلومات کي محفوظ رکڻ ۾ پاسورڊ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن پاسورڊ ٺاهڻ وقت واهپيدار پنهنجي سولائيءَ لاءِ سادا لفظ چونڊيندا آهن ته جيئن اِهي ياد رهي سگھن، پر اهڙي عمل سان اوهان ڪنھن ڏکيائي ۾ به پئجي سگهو ٿا.
ڪجهه ماڻهو پنهنجي ڄم جي تاريخ، فون نمبر، زال يا مڙس يا ٻارن جا نالا، پنهنجي پسنديدا جاءِ يا شهر جو نالو پاسورڊ طور رکندا آهن.
ڪي ماڻهو وري مختلف اڪائونٽس هڪ ئي پاسورڊ تي هلائيندا آهن، جڏهن ته ڪي هر شئي يا ايپ لاءِ الڳ، الڳ پاسورڊ استعمال ڪندا آهن.
پر ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته عام پاسورڊ ڊجيٽل دنيا ۾ هيڪرن لاءِ سولو هدف هوندا آهن؟
هيڪرز اِهي پاسورڊ کي ٽوڙي سولائيءَ سان اوهان جي ڊيٽا تائين پهچي سگهن ٿا.
هن رپورٽ ۾ اسان اوهان کي ٻڌائينداسن ته ڪهڙا پاسورڊ آهن جيڪي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ عام آهن ۽ مضبوط پاسورڊ ڪيئن هئڻ گهرجن.
پاسورڊ مئنيجر ” نورڊ پاس “ نالي دنيا جي سڀ کان مقبول پاسورڊز جي هڪ سالياني لسٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ لڳاتار ٻئي سال سڀ کان عام پاسورڊ”123456“ کي قرار ڏنو ويو آهي.
مشهور ٽيڪنالاجي ويب سائيٽ دي ويرج موجب ڪي ماڻهو پاسورڊ لاءِ ”iloveyou“ چونڊ ڪندا آهن، ته ڪي وري وڊيو گيمز يا ڪارٽونز جي نالن تي” pokemon“ کي پنهنجو پاسورڊ بڻائيندا آهن.
ڪي ماڻهو برانڊز جي نالن تي پاسورڊ رکندا آهن، جڏهن ته ڪي پنهنجو نالو، دوست جو نالو يا ڪنهن به ماڻهو جو نالو پاسورڊ طور سليڪٽ آهن.
اهڙي ريت ڪجهه لفظ ” پاسورڊ “ يا ان ۾ ڪجهه تبديلي ڪري ”P@sswørd“ جهڙو پاسورڊ رکندا آهن، پر هيڪرن لاءِ اهڙا پاسورڊ ٽوڙڻ سيڪنڊن جو ڪم هوندو آهي.
هيٺ اهڙا ڏهه 10 پاسورڊ ڏئي رهيا آهيون جيڪي عام ۽ سولائيءَ سان ٽوڙي سگهجن ٿا
1. 123456
2. 123456789
3. 12345678
4. password
5. qwerty123
6. qwerty1
7. 111111
8. 12345
9. secret
10. 123123
” نورڊ پاس “ موجب، هن لسٽ ٺاهڻ لاءِ ”عوامي سطح تي دستياب ذريعن“ مان اڍائي ٽيرا بائٽس جي ڊيٽابيس استعمال ٿي، جن مان انھن کي ڪجهه ڊيٽا”ڊارڪ ويب“ تان به ملي
رپورٽ موجب، انهن مان ڪيترن پاسورڊز کي ٽوڙڻ لاءِ هيڪرز کي صرف سيڪنڊز يعني ڪجهھ لمحن جي ضرورت ھوندي آھي. جيڪڏهن توهان جو پاسورڊ مٿي ڄاڻايل فهرست ۾ شامل آهي، ته ترت تبديل ڪريو.
مضبوط پاسورڊ رکڻ لاءِ توهان Password Generator يا Passkeys
جو استعمال ڪري سگهو ٿا، يا پنهنجي پاسورڊ ۾ نمبرن سان گڏ اسپيشل ڪيريڪٽرز شامل ڪري ان کي مضبوط بڻائي سگهو ٿا.