اسلام آباد: موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ وچ ۾ 50 ڪروڙ ڊالر جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي.
اقتصادي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب پاڪستان ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ وچ ۾ قرض پروگرام معاهدو طئي ٿي ويو آهي. معاهدي جي تحت ايشيائي ترقياتي بينڪ 500 ملين ڊالر ڏيندي، قرض پروگرام جي رقم موسمياتي تبديلي ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ استعمال ڪئي ويندي.
وفاقي وزير احد چيمه چيو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلي ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو، موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون تي ايشيائي ترقياتي بينڪ جا ٿورائتا آهيون.
اقتصادي معاملن جي ترجمان موجب معاهدي تي پاڪستان طرفان صحيح اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ طرفان ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافين ڪيون.