لاهور: پنجاب اسيمبلي ۾ زرعي انڪم ٽيڪس پنجاب بل 2024 اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو جنهن کان پوءِ لائيو اسٽاڪ تي به ٽيڪس لاڳو ۽ وڌيڪ آمدني وارن هارين تي سپر ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو.
رپورٽ موجب پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان جي صدارت هيٺ ٿيو انهي سلسلي ۾ اپوزيشن طرفان پيش ڪيل سمورين ترميمن کي رد ڪيو ويو جڏهن ته حڪومتي اتحادي پارٽي پيپلز پارٽي زرعي انڪم ٽيڪس ايڪٽ 20024 جي مخالفت ڪئي.
پيپلز پارٽي کان سواءِ پنجاب حڪومت زرعي انڪم ٽيڪس بل کي پنجاب اسيمبلي مان منظور ڪرايو، پيپلز پارٽي پنجاب اسيمبلي ۾ زرعي انڪم ٽيڪس بل تي اعتراض ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو.
علي حيدر گيلاني چيو ته حڪومت بل جي معاملي تي اسان کي اعتماد ۾ نه ورتو. ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري رهيا آهيون، اپوزيشن جون سموريون ترميمون رد ڪري ڇڏيون آهن.
بل موجب زرعي زمين تي انڪم ٽيڪس جي ڇوٽ ختم ڪئي ويندي، جڏهن ته لائيو اسٽاڪ تي ٽيڪس به زرعي ٽيڪس ۾ شمار ڪيو ويندو. بل جي متن موجب زرعي انڪم ٽيڪس نه ڏيندڙن کي ٽيڪس جي رقم جو هڪ سيڙو في اضافي ڏينهن ڏنڊ لاڳو ٿيندو. 12 لک کان گهٽ زرعي آمدني وارا زرعي ٽيڪس نه ڏيندڙن کي 10 هزار ڏنڊ به لڳائي سگهجي ٿو.
اهڙي طرح 4 ڪروڙ کان گهٽ زرعي آمدني واري زرعي ٽيڪس نه ڏيندڙ کي 25 هزار ۽ 4 ڪروڙ کان وڌيڪ زرعي آمدني واري زرعي ٽيڪس نه ڏيندڙ کي 50 هزار روپيه ڏنڊ لاڳو ٿيندو.
بل جي متن ۾ چيو ويو آهي ته 12 لک کان 4 ڪروڙ روپين تائين آمدني واري هاري تي ٽيڪس نه ڏيڻ تي 20 هزار روپيه ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو. زرعي انڪم ٽيڪس ايڪٽ 2024 ۾ 1997 جي زرعي انڪم ٽيڪس ايڪٽ ۾ داخل ٽيڪس جو شيڊول به ختم ڪيو ويو آهي. زرعي انڪم ٽيڪس بل منظوري کان پوءِ 2025 ۾ اهو لاڳو ٿيندو. پنجاب اسيمبلي رجسٽريشن ترميمي بل 2024 ۽ وزيراعليٰ جي ايڊوائزر جي ايوان ۾ ڳالهيون ڪرڻ جي اختيار کي رولز جي اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. ايجنڊا مڪمل ٿيڻ تي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.