ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ آئيني بينچز جوڙڻ جي قرارداد گڏيل طور تي منظور ڪئي وئي. جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف جي ميمبرن قرارداد جي مخالفت ڪئي.
سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ اسيمبلي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ آئيني بينچز جي قيام لاءِ قرارداد جي تحريڪ پيش ڪئي وئي. آئيني بينچز جي قرارداد صوبائي پارلياماني ۽ گهرو معاملن واري صوبائي وزير ضياءَ لنجار پيش ڪئي ايوان ۾ پيش ڪيل قرارداد ۾ اسيمبلي ميمبرن راءِ شماري ۾ حصو ورتو.
ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي جي ميمبرن پنهنجي سيٽن تي بيهي قرارداد جي حمايت ڪئي. جڏهن ته جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف قرارداد پيش ڪرڻ جي مخالفت ڪئي.
جنهن کان پوءِ سنڌ اسيمبلي ۾ آئيني بينچز جوڙڻ جي قرارداد گڏيل طور تي منظور ڪئي وئي. 123 اسيمبلي ميمبرن قرارداد جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو.
اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته چاهيون ٿا ته ماڻهن کي جلد انصاف ملي ۽ ڪيسز جلد کان جلد مڪمل ٿين. 26هين آئيني ترميم مان سمورن صوبن کي فائدو ٿيندو.
هن چيو ته صحيح وقت تي اسان اها قرارداد آڻي رهيا آهيون ۽ وڏي ذميوارانه طرز حڪومت جو ثبوت ڏنو آهي، جلد کان جلد آئيني بينچز جوڙڻ گهرجن. سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان کي پنهنجي هاءِ ڪورٽ جي ججز جو انگ به وڌائڻو آهي. جڏهن ته 26هين آئيني ترميم جا اثر ۽ فائدا جلد کان جلد ماڻهن تائين پهچڻ گهرجن.
پارلياماني معاملن وارير وزير ضياءَ لنجار چيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 202 اي جي سب ڪلاز 6 جي تحت قرارداد آڻڻ ضروري هو ۽ اهائي آئيني گهرج آهي