بيروت: لبنان ۾ اسرائيلي فوج جي وڏي جاني نقصان کان پوءِ اسرائيل حزب الله سان جنگ بندي لاءِ تيار آهي. مسودي ۾ اسرائيل ۽ لبنان کي گڏيل قومن جي قراردادن تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.اسرائيلي ميڊيا موجب 60 ڏينهن واري جنگ بندي دوران مڪمل عملدرآمد کي حتمي شڪل ڏني ويندي.اسرائيل جنگ بندي جي 7 ڏينهن اندر لبنان مان پنهنجون فوجون واپس گهرائي وٺندو، اسرائيلي فوج جي واپسي کانپوءِ لبناني فوجن جي مقرري شروع ٿي ويندي. لبنان جي نگران وزيراعظم نجيب مڪاتي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڪجهه ڪلاڪن ۾ جنگ بندي ٿي ويندي. وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته اسرائيل-لبنان جنگ بندي جون رپورٽون ۽ ڊرافٽ گردش ڪري رهيا آهن پر ڳالهين جي عڪاسي نٿا ڪن.رپورٽن مطابق اسرائيل سخت جاني نقصان سبب حزب الله کي لطاني نديءَ کان پري ڪرڻ کان پاسو ڪري رهيو آهي. فلسطيني ميڊيا جو چوڻ آهي ته هن مهيني لبنان ۽ غزه ۾ حماس ۽ حزب الله پاران 62 اسرائيلي فوجي مارجي ويا آهن.