بلنڪن جي ولي سان ملاقات، غزه ۽ لبنان صورتحال تي ڳالهيون

رياض : آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪري غزه ۽ لبنان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ ٿيل ملاقات ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن وچ ۾ خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ خاص طور تي غزه ۽ لبنان جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.ٻنهي اڳواڻن غزه جي پٽي ۽ لبنان ۾ جاري فوجي آپريشن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي روڪٿام ۽ ان سبب پيدا ٿيل سيڪورٽي ۽ انساني اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪوششون جو جائزو ورتو. عرب ميڊيا موجب ملاقات ۾ سعودي عرب ۾ آمريڪي سفير ۽ پرڏيهي وزير جي وفد ۾ سعودي قومي سلامتي جو صلاحڪار ڊاڪٽر موساد العبيکان ۽ جنرل انٽيليجنس چيف خالد الحميدان به شرڪت ڪئي. ان کان اڳ آمريڪي پرڏيهي وزير پنهنجي سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ سميت غزه پٽي ۽ لبنان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن اسرائيل جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اڄ سعودي عرب پهتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔