26 هين آئيني ترميم سان عدليا جي آزادي متاثر ٿيندي، يو اين

ڪراچي: گڏيل قومن جي انساني حقن جي سربراهه ووڪر ٽرڪ 26هين آئيني ترميم تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته کيس خدشو آهي ته 26هين آئيني ترميم سان عدليه جي آزادي کي نقصان پهچندو. واضح رهي ته حڪومت تازو 26هين آئيني ترميم ۾ عدليه جي حوالي سان ڪيتريون ئي تبديليون ڪيون آهن، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جا پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جا اختيار ختم ڪيا ويا آهن ۽ سپريم ڪورٽ جي 3 سينيئر ججن مان چيف جسٽس آف پاڪستان کي نامزد ڪرڻ جو اختيار پارلياماني ڪميٽي کي ڏنو ويو آهي. گڏيل قومن جي انساني حقن واري آفيس اڱاري تي هڪ ايڪس پوسٽ ۾ چيو ته ووڪر ٽرڪ کي خدشو آهي ته نئين آئيني ترميم جي منظوري ۾ جلدي ڪئي وئي آهي، وسيع مشاورت ۽ بحث کي نظر انداز ڪيو ويو، هن چيو ته آئيني ترميمن ۾ انساني حقن جي بين الاقوامي قانونن سان مطابقت هجڻ گهرجي. ان کان اڳ انٽرنيشنل ڪميشن فار جيورسٽ (آءِ سي جي) سومر تي هڪ بيان ۾ آئيني ترميمن کي عدليه جي آزادي تي وار قرار ڏنو هو. ICJ سيڪريٽري جنرل سانٽياگو ڪينٽن چيو ته “انهن عدليه کي رياست جي ٻين حصن تائين پهچڻ ۽ انساني حقن جي حفاظت ڪرڻ کان روڪيو آهي، ان سان ان جي آزاد ۽ موثر طريقي سان ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ختم ٿي وئي آهي”. واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف آئيني ترميم جي منظوري کانپوءِ نتيجن جي پرواه کانسواءِ آئيني ترميم خلاف ملڪ گير تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وڪيل تنظيمن جي ڪجهه گروپن به ترميم خلاف احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔