علي امين گنڊاپور گرفتار،سرڪاري ذريعن جي ترديد

اسلام آباد: خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي حراست ۾ ورتو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته علي امين گنڊاپور تي سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جو الزام آهي.علي امين گنڊاپور تي سرڪاري وسيلا استعمال ڪرڻ جو الزام آهي، سندس خلاف رياست تي حملي جي قانوني ڪارروائي جاري آهي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي حراست ۾ وٺڻ جون متضاد خبرون سامهون آيون آهن.هن وقت تائين ان ڳالهه جي تصديق نه ٿي سگهي آهي ته علي امين گنڊاپور کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.ٻئي طرف سرڪاري ذريعن ترديد ڪندي چيو آهي ته علي امين گنڊاپور جي گرفتاري جون خبرون غلط آهن. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب به دعويٰ ڪئي آهي ته علي امين کي گنڊاپورڪو جي پي هائوس مان غير قانوني طور گرفتار ڪيو ويو آهي. رينجرز ۽ اسلام آباد پوليس ڪي پي هائوس جي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي.سڌ سماءَ بابت خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي صلاحڪار بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته ڪي پي جي وڏي وزير سان ڪو به رابطو ناهي ٿيو. رينجرز ڪي پي هائوس اسلام آباد سيل ڪري ڇڏيو آهي، باضابطا گرفتاري ناهي ڪئي وئي.هن چيو ته رينجرز ۽ پوليس جي وڏي نفري پي هائوس ۾ موجود آهي.وڏو وزير 25 آڪٽوبر تائين ضمانت تي آهي، سندس گرفتاري توهين عدالت هوندي، جيڪڏهن وڏي وزير کي گرفتار ڪيو ويو ته ڪي پي جي عوام جي مينڊيٽ جي توهين ڪئي ويندي.هن چيو ته جعلي حڪومت کي اهڙن غير آئيني ۽ غير قانوني قدمن جو جواب ڏيڻو پوندو.علي امين گنڊاپور جي ڀاءُ فيصل امين گنڊاپور چيو ته علي امين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ رينجرز ڪي پي هائوس پهتي آهي، ڪي پي هائوس ۾ ڦرلٽ جاري آهي، ڀاءُ علي امين گنڊاپور سان رابطو ناهي ٿي رهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔