150 افغاني گرفتار،پي ٽي آءِ قافلي مان شيل فائر ڪيا ويا،نقوي

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته پوليس پي ٽي آءِ جي قافلي تي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل فائر ڪيا، جڏهن ته قافلي ۾ شامل 120 افغانين کي گذريل 24 ڪلاڪن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جاچ ڪري رهيا آهيون ته هنن وٽ آنسو گيس جا شيل ڪيئن ۽ ڪٿان آيا، پوليس مٿان فائرنگ ڪئي وئي، هي ڪهڙو پرامن احتجاج آهي؟ گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته سوال اهو به آهي ته افغاني هن احتجاج ۾ ڪيئن آيا؟ پٺاڻ ۾ پوليس تي فائرنگ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ 85 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن.هنن جو چوڻ آهي ته هنن جو پنهنجو احتجاج آهي ته پوءِ افغان شهري ڪٿان اچن؟ ان سڄي صورتحال جو ذميوار خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير آهي، پي ٽي آءِ ڪارڪن مسلسل ملڪيتن تي حملا ڪري رهيا آهن.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته مان نه ٿو سمجهان ته پي ٽي آءِ وارا پنهنجي عزائم تان هٽڻ لاءِ تيار آهن، مون کين ڪافي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندن عزائم ڪجهه ٻيو ئي نظر اچي رهيا آهن.هن چيو ته هن وزيراعظم شهباز شريف سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته هو ايس سي او ڪانفرنس کي سبوتاز ٿيڻ نه ڏينداسين.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته حملي جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، سندن مقصد رڳو ايس سي او ڪانفرنس کي سبوتاز ڪرڻ آهي، حملي لاءِ ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن.ان موقعي تي هڪ صحافي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کان سوال ڪيو ته ڇا خيبرپختونخواهه ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي؟ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جواب ڏيندي چيو ته صدر ۽ وزيراعظم رابطي ۾ آهن، هو جيڪا به حڪمت عملي ٺاهيندا ان تي عمل ڪندا، هن وقت ڪي پي ڪي جو وڏو وزير وڏي لائين ڪراس ڪري رهيو آهي، وٽس هٿيار به آهن، اسان جا نوجوان اڃا غير مسلح آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔