قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڄ ٿيندا

اسلام آباد:  قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڄ ٿيندا. سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي اجلاسن جي ايجنڊا جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن.

سينيٽ اجلاس ۾ 50 جڏهن ته قومي اسيمبلي اجلاس ۾ 13 ايجنڊه آئيٽمز کي غور هيٺ آندو ويندو.

قومي اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف طرفان ڪراچي جهاز حادثو، ماڪڙ جي حملن، ڪورونا وائرس جي خطرن سميت ٻين  پنج نڪاتي ايجنڊا بابت لکيل خط تي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيندو جنهن ۾ اپوزيشن اڳواڻ جي تجويز جو جائزو ورتو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔