پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ ڪورونا وائرس جو شڪار

ڪراچي: پيپلز پارٽي جو سنڌ اسيمبلي ميمبر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي ويو آهي. شرجيل ميمڻ صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته منهنجو ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيو آهي. جنهن کان پوءِ مون پاڻ کي گهر تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي.

شرجيل ميمڻ ڪورونا بابت حيدرآباد ۾ سنڌ حڪومت جو فوڪل پرسن آهي ۽ شرجيل ميمڻ 2 ڏينهن اڳ تائين سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ به شرڪت ڪئي هئي.

واضح رهي ته ان کان اڳ پيپلز پارٽي جو صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو جڏهن ته اسيمبلي ميمبر سيد عبدالرشيد ۽ ايم ڪيو ايم جي صوبائي اسيمبلي ميمبر منگلا شرما ۽  رابطه ڪميٽي جو ميمبر فيصل سبزواري به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن.

ياد رهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو انگ هڪ لک کان به وڌي ويو آهي جڏهن ته 2050 کان وڌيڪ ماڻهو هينئر تائين فوت ٿي چڪا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔