پاڪستان کي ڪمزور حڪمراني سميت وڏن چيلنجز کي منهن ڏيڻو آهي: آءِ ايم ايف

اسلام آباد: : آءِ ايم ايف چيو آهي ته مهانگائي ۾ نمايان گهٽتائي باوجود پاڪستان کي ڪمزور حڪمراني سميت ٻين وڏن چيلنجز کي منهن ڏيڻو آهي. عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) ايگزيڪٽو بورڊ طرفان پاڪستان جي اسڪٽينڊڊ فنڊ پروگرام جي پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر جي پهرين قسط جاري ڪئي وئي آهي. پڌرائي موجب ايگزيڪٽو بورڊ پاڪستان جي لاءِ توسيعي فنڊ سهوليت جي تحت 7 ارب ڊالر قرض جي منظوري ڏني آهي. پاڪستان جي لاءِ نئون قرض پروگرام 37 مهينن تي ٻڌل آهي. پاڪستان ۾ معاشي شرح 2.4 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. ناڻي جي مٽاسٽا ۾ گهٽتائي جي باوجود پاڪستان کي هن وقت به وڏي چيلنجز کي منهن ڏيڻو آهي جنهن ۾ مشڪل ڪاورباري ماحول، ڪمزوري حڪمراني ۽ محدود ٽيڪس بيس شامل آهي.آءِ ايم ايف جي پڌرائي موجب پاڪستان 2023-24 ۾ اسٽينڊ باءِ ارينجمنٽ جي تحت لاڳيتو پاليسي تي عمل ڪيو انهي پاليسي جي ذريعي اقتصادي استحڪام جي بحالي لاءِ اهم قدم کنيا. مالي سال 2024 ۾ وياج جي شرح 2.4 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي انهي جو سبب زرعي شعبي ۾ سرگرميون آهن، پاڪستان ۾ مهانگائي ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي جيڪا سنگل ڊيجٽ تي اچي وئي آهي.عالمي مالياتي فنڊ چيو آهي ته مناسب مالياتي ۽ مانيٽري پاليسين جو سبب ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو قابو ۾ رکڻ ۾ مدد ملي. انهي عمل سان ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرن کي ٻيهر کان بهتر بنائڻ جو موقعو مليو. اسٽيٽ بينڪ جون کان هينئر تائين پاليسي ريٽ ۾ 450 بيسز پوائنٽ جي گهٽتائي ڪئي آهي. جون 2024 ۾ هڪ مضبوط بجيٽ پيش ڪئي وئي. اڳڀرائي جي باوجود پاڪستان جون ڪمزوريون ۽ مسئلا لاڳيتو سنگين آهن.پڌرائي موجب مشڪل ڪاروباري ماحول، ڪمزور حڪمراني ۽ رياست جو وڌيڪ عمل دخل سرمائيڪاري ۾ رنڊڪ بڻجي ٿو. ٽيڪس بيس تنگ هجڻ سبب مالياتي پائيداري، سماجي ۽ ترقياتي خرچن کي پورو ڪرڻ مشڪل آهي. غربت مان مستقل ڇوٽڪاري جي لاءِ صحت ۽ تعليم تي خرچ اڻپورو آهي. بنيادي ڍانچي ۾ اڻپوري سرمائيڪاري معاشي صلاحيت کي محدود ڪري ڇڏيو آهي. آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي اثرن جو شڪار آهي. جيڪڏهن مناسب اصلاحاتي ايڊجسٽمينٽ تي زور نه ڏنو ويو ۽ اصلاحات نه ٿي ته پاڪستان جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ وڌيڪ پوئتي رهڻ جو خطرو آهي. آءِ ايم ايف جي نئين قرض پروگرام جو مقصد ميڪرو اڪنامڪ استحڪام جي بحالي آهي. سرڪاري ادارن جي اصلاحات، عوامي خدمتن جي فراهمي ۾ بهتري به پروگرام جو مقصد آهي. بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ آهي. انهي پروگرام جي ڪاميابي جي لاءِ ترقياتي ڀائيوارن جي لاڳيتو مالي مدد به اهم هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔