راولپنڊي : پاڪستان اسپيس اينڊ اپر ايٽموسفيئر ريسرچ ڪميشن (سپارڪو) چين جي تائيوان سيٽلائيٽ لانچ سينٽر تان پاڪستان جي مقامي اليڪٽرو آپٽيڪل سيٽلائيٽ اي او ٿري کي ڪاميابي سان لانچ ڪيو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب اي او ٿري سيٽلائيٽ کي لانچ ڪرڻ خلائي شعبي ۾ هڪ ٻي اهم ڪاميابي آهي، اهو سيٽلائيٽ شهري منصوبابندي، ڊيزاسٽر مينيجمينٽ، فوڊ سيڪيورٽي ۽ ماحوليات جي تحفظ ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ اميجنگ ڊيٽا فراهم ڪندو.
آءِ ايس پي آر موجب اي او ٿري سيٽلائيٽ ڪيترن ئي شعبن ۾ قومي ترجيحن کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ هڪ گڏيل آرٿ آبزرويشن سسٽم جي سهولت جو ڪم ڪندو ۽ پائيدار سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهندو.
تبصرے بند ہیں۔