صدر زرداري ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ اختلاف، سنڌ ۾ نئين سياسي بلاڪ جي تياري؟

اسلام آباد :  سياسي صورتحال ۽ اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپن جي حوالي سان تجزيي نگار سجاد انور هڪ نجي پروگرام ۾ اهم انڪشاف ڪيا آهن. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ ڪجهه اصولي اختلاف موجود آهن، جن کي بنياد بڻائي سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. تجزيي نگار موجب، يو اي اي کي 3.45 ارب ڊالرن جي واپسي هڪ رياستي معاهدي جو حصو هئي، جنهن جو تعلق سعودي عرب ۽ يو اي اي جي وچ ۾ يمن جي معاملي تي هلندڙ تڪرار سان آهي. هن انهن خبرن کي رد ڪيو ته زرداري صاحب يو اي اي کي پئسا نه ڏيڻ جو چيو هو، پر هن چيو ته پئسن جي واپسي جو سبب خطي جي بدلجندڙ جيو پوليٽيڪل صورتحال آهي. سعودي عرب کي شريف گهراڻي ۽ يو اي اي کي زرداري گهراڻي جي ويجهو سمجهيو ويو هو، ان بنياد تي پروپيگنڊا به ڪئي وئي هئي. اهي خبرون به هيون ته صدر زرداري کي معاملن کان پري رکيو پيو وڃي. پر حقيقت ۾ ان جي پٺيان ڪي ٻيا سبب آهن. پروگرام ۾ سنڌ جي حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جي مستقبل تي به تفصيلي بحث ڪيو ويو. سجاد انور جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي مقابلي ۾ هڪ نئون سياسي بلاڪ تيار ڪيو پيو وڃي، ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته فنڪشنل ليگ کي متعارف ڪرايو وڃي ۽ ٻيا گروپ ان ۾ شامل ڪيا وڃن. ان لاءِ پير پاڳاري جي ڀاءُ راشد شاهه کي اڳتي آندو پيو وڃي. ان ۾ مرتضيٰ جتوئي، شيرازي ڀائر، ذولفقار مرزا، صفدر عباسي، لياقت جتوئي، مسرور جتوئي، ارباب غلام رحيم ۽ ٻين کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، انهن کي مشرف جي زماني به گڏ ڪيو ويو هو. انهن سڀني کي هڪ پارٽي طور پ پ جي مقابلي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اسٽيبلشمينٽ ڪراچي کي دبئي جي طرز تي هڪ خود مختيار معاشي مرڪز بڻائڻ چاهي ٿي، جنهن تي پيپلز پارٽي جا پنهنجا خدشا آهن. 18 هين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ تي وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ اختلاف اڃا تائين برقرار آهن. تجزيي نگار موجب، مسلم ليگ (ن) ميڊيا مينيجمينٽ ۽ پي آر ۾ پيپلز پارٽي کان گهڻو اڳتي آهي. پيپلز پارٽي جا سنڌ ۾ ڪيل ڪجهه سٺا ڪم جهڙوڪ صحت جا ادارا ميڊيا تي صحيح نموني پيش نه ٿيڻ جي ڪري هڪ ناڪاري تاثر قائم ٿيل آهي. ان کان سواءِ، ايندڙ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چونڊن تي به ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ سخت مقابلو ۽ اختلاف ٿيڻ جا آهن، ڇو ته اتي طاقتور حلقن جو اثر رسوخ وڌيڪ آهي. تجزيي نگار جو چوڻ هو ته زرداري صاحب کي صدارت تان هٽائڻ يا سنڌ حڪومت ختم ڪرڻ جون خبرون في الحال رڳو هڪ سياسي دٻاءُ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش آهن، پر پردي پٺيان طاقتور حلقا سنڌ ۾ هڪ مضبوط سياسي متبادل آڻڻ لاءِ سرگرم آهن. اهو سڀ فوري طور تي نه ٿيندو پر ڪوششون ضرور ڪيون پيون وڃن.

تبصرے بند ہیں۔