شهباز جون ايراني ۽ فلسطيني صدر سان ملاقاتون،گڏ هلڻ تي اتفاق

نيويارڪ: وزيراعظم شهباز شريف جي نيويارڪ ۾ فلسطيني صدر محمود عباس سان ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ غزه جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.فلسطيني صدر غزه جي تازي صورتحال کان وزيراعظم شهباز شريف کي آگاهه ڪيو جنهن تي وزيراعظم جنگ جي جلد خاتمي جي اميد ظاهر ڪئي.صحافين سان ڳالهيون ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان غزه ۾ اسرائيلي جارحيت ۽ فلسطينين جي نسل ڪشي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو، پاڪستاني عوام جا دل فلسيني ڀيڻ ڀائرن سان گڏ ڌڙڪندا آهن.وزيراعظم چيو ته گذريل سال کان هينئر تائين اسرائيل 41 هزار فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو جنهن ۾ نوجوان ۽ ننڍا ٻار به شامل آهن، جڏهن ته غزه ۾ اسپتال، اسڪولز ۽ گهرن سميت سمورين جڳهين تي اسرائيل بمباري ڪئي آهي جيڪا عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي.هن زور ڏنو ته غزه ۾ جنگبندي ۽ فلسطيني رياست جي قيام لاءِ گڏيل مطالبي جو وقت اچي ويو آهي، ڇو ته انهي کان سواءِ خطي ۾ امن بحال نٿو ٿي سگهي.وزيراعظم شهباز شريف واضح ڪيو ته فلسطينين جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ هڪ آزاد فلسطيني رياست جو قيام ضرور ٿيندو. فلسطيني صدر محمود عباس به مڃيو ته پاڪستان لاڳيتو فلسطين جي مسئلي جي حمايت ڪئي آهي.پاڪستان ۽ ايران اقتصادي ۽ واپاري تعاون وڌائڻ ۽ گيس پائپ لائن پروجيڪٽ مڪمل ڪرڻ لاءِ سامهون ايندڙ رنڊڪون ختم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپ ٺاهڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي.ايراني خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب وزيراعظم شهباز شريف ايران جي صدر مسود پزشڪيان سان نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ مسعود پزشڪيان شهيد صدر آيت الله رئيسي جي پاڪستان جي دوري دوران ڪيل سمجهوتن کي آخري شڪل ڏيڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي لاءِ تهران جي عزم جو اعلان ڪيو.ايراني خبرون ڏيندڙ ايجنسي ٻڌايو ته صدر مشعود پزشڪيان واپار بابت ڏيتي ۾ سهولت جي لاءِ ريلوي ۽ روڊ ٽرانسپورٽ جو وسيع نيٽ ورڪ ٺاهڻ تي زور ڏيندي چيو ته اقتصادي، سياسي مواصلاتي ۽ سيڪيورٽي جون گهرجون سامهون رکيون وڃن.وچ اوڀر جي حوالي جي حوالي سان ايراني صدر چيو ته مسلمانن جي وچ ۾ تفرقو نه هجي ها ته اڄ اسرائيل اهڙا ڏوهه ڪرڻ جي جرئت به نه ڪري سگهي ها.ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته لبنان تي اسرائيل جي تازن حملن ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته نيتن ياهو پنهنجي ڏوهه جو سلسلو روڪڻ جو ڪوبه ارادو نٿو رکي پر پنهنجي فسطانيت جو دائرو پوري خطي ۾ پکيڙڻ چاهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔