لبنان کي ٻيو غزه بنائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، گوتريس

نيويارڪ : گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته لبنان کي ٻيو غزه بنائڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته لبنان-اسرائيل جنگ هر قيمت تي بند ٿيڻ گهرجي، غزه جنگ ڊگهي ٿي وئي آهي، شهري بدترين تباهي جو شڪار آهن.انتونيو گوتريس وڌيڪ چيو ته غزه جنگ شروع ڪرڻ وارا ئي ان جا ذميوار آهن.واضح رهي ته اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي، اسرائيل ۾ حزب الله جي ٺڪاڻن تي 80 حملا ڪيا ويا، جڏهن ته حزب الله اتر اسرائيل تي 45 راڪيٽ حملا ڪيا.آمريڪي سلامتي صلاحڪار جڪ سليوان علائقائي ڇڪتاڻ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪندي پنهنجي شهرين کي فوري طور تي لبنان ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔