ايشيائي ترقياتي بئنڪ مان پاڪستان لاءِ 32 ڪروڙ ڊالر قرض منظور

اسلام آباد : ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ 32 ڪروڙ ڊالرز قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اِها رقم خيبرپختونخوا ۾ روڊن جي بحالي، ٻهراڙي وارن علائقن کي ڳنڍڻ ۽ سيفٽي وڌائڻ لاءِ خرچ ڪئي ويندي.
پڌرائي موجب، قرض جي رقم مان رورل روڊز ڊيولپمينٽ پروجيڪٽ ذريعي 9 سئو ڪلو ميٽر ٻهراڙي جا روڊ اَپ گريڊ ٿيندا، ڪي پي ۾ اِهو روڊ ٻوڏ سبب تباهه ٿي ويا هئا، اِهي روڊ آبادي کي تعليم، صحت ۽ مارڪيٽ تائين رسائي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ موجب، روڊ ٽرانسپورٽ پاڪستان ۾ سماجي ترقيءَ جو اهم عنصر عوام جي لائيف لائين آهي، ان رٿا تحت مسافرن کي بهترين سفري سهولتون مهيا ٿينديون، سندن وقت بچندو، ڀاڙن ۾ لاٿ ايندي، منصوبي سان لکين ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔