پنجاب ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 42 ڪيس ظاهر

لاهور : پنجاب صوبي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا وڌيڪ 42 ڪيس سامهون آيا آهن.پنجاب جي صحت کاتي جي ترجمان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران راولپنڊي مان 32، لاهور مان 6 ۽ گوجرانوالا مان 2 ڊينگي جا ڪيس سامهون آيا آهن.پنجاب جي صحت کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هڪ هفتي دوران 181 جڏهن ته پنجاب ۾ هلندڙ سال هن وقت تائين ڊينگي جا 592 ڪيس سامهون آيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔