پاڪستان ۽ بنگلاديش جو ٽريننگ سيشن برسات سبب ملتوي

اسلام آباد : پاڪستان ۽ بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيمن جو اڄ اسلام آباد ڪلب ۾ ٽريننگ سيشن برسات سبب منسوخ ڪيو ويو.ٻئي ٽيمون سڀاڻي صبح راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٽريننگ سيشن ۾ حصو وٺنديون.واضح رهي ته ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ بنگلاديش پاڪستان کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ 30 آگسٽ کان شروع ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔