وفاقي حڪومت جو يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ جو فيصلو

لاهور: وفاقي حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

يوٽيلٽي اسٽورز انتظاميه موجب وفاقي حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز انتظاميه کي 2 هفتن جو وقت ڏنو آهي جڏهن ته يوٽيلٽي اسٽورز تي موجود شين تي سبسڊي ختم ٿي چڪي آهي.

انتظاميه موجب دڪانن جي بندش جي خبر کانپوءِ 11 هزار کان وڌيڪ ملازمن ۾ پريشاني آهي، 6 هزار مستقل آهن جڏهن ته ٻيا ملازم ڪانٽريڪٽ ۽ ڊيلي ويجز تي آهن.

يوٽيلٽي اسٽورز انتظاميه جو چوڻ آهي ته ڪمپني سان ٽرانزيڪشن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ٻن هفتن جو وقت ڏنو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔