بنگلا ديش جي عبوري حڪومت جو حسينه واجد جو سفارتي پاسپورٽ رد ڪرڻ جو فيصلو

ڍاڪا: بنگلاديش جي عبوري حڪومت حسينا واجد سميت سندس ڪابينه ۾ شامل وزيرن ۽ پارليامينٽ ميمبرن جا سفارتي پاسپورٽ رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

بنگلاديشي ميڊيا موجب ڪيترن ئي اڳوڻن وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جي ملڪ مان فرار ٿيڻ جي ڪوششن کانپوءِ عبوري حڪومت حسينا واجد سميت سندس ڪابينا ۽ اسيمبلي ميمبرن جا سفارتي پاسپورٽ رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

ان کان اڳ بنگلاديش جي گهرو وزارت لاڳاپين ادارن کي زباني هدايتون جاري ڪيون هيون پر هاڻ ان فيصلي کانپوءِ باضابطا لکت حڪم جاري ٿيڻ جو به امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔