صدر آصف زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ مريم نواز پنجاب پوليس تي حملي جي مذمت ڪري ڇڏي

لاهور: صدر آصف زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ مريم نواز طرفان پنجاب پوليس تي حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي.

صدر آصف علي زرداري پاران پنجاب پوليس تي حملي جي مذمت، شهيد اهلڪارن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ويو آهي.

ايوان صدر مان جاري ٿيل بيان موجب صدر آصف علي زرداري ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف وڏي ۽ اثرائتي ڪارروائي شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.

صدر چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملا برداشت نه ڪيا ويندا، شهيد اهلڪارن جي وارثن سان گڏ آهيون.

وزيراعظم شهباز شريف پاران به 14 اهلڪارن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو، ڌاڙيلن خلاف سخت ڪارروائي شروع ڪرڻ جون هدايتون.

پنجاب جي سي ايم مريم نواز چيو آهي ته پنجاب پوليس جي شهيد ٿيل اهلڪارن جو پلاند وٺنداسين، هوم سيڪريٽري، آءِ جي پنجاب ۽ سي ٽي ڊي جي نگراني هيٺ ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي لاءِ هڪ ٽيم اماڻي وئي آهي.

جڏهن ته پنجاب پوليس جي شهيد ٿيل اهلڪارن جي ڌاڙيلن جي حملي کان اڳ واري هڪ وڊيو سامهون اچي وئي.

وڊيو ۾ پوليس اهلڪار برساتي پاڻيءَ ۾ ڦاسي پيل گاڏيءَ جي ويجهو بيٺل نظر اچي رهيا آهن، پوليس جي گاڏي برساتي پاڻي ۾ ڦاسي پوڻ بعد ڌاڙيلن جي ٽولي پوليس اهلڪارن تي اوچتو حملو ڪري ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔