رحيم يار خان: ڌاڙيلن جو پنجاب پوليس تي حملو، شهيد اهلڪارن جو انگ وڌي 14 ٿي ويو

رحيم يار خان رحيم: رحيم يار خان جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جي 2 گاڏين تي ڌاڙيلن جي حملي ۾ شهيد اهلڪارن جو انگ وڌي 14 ٿي ويو، 8 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.

شهيد ٿيل اهلڪارن ۾ محمد عمران، محمد ساجد، راجا ڪنول، محمد منير، اجي رام، بيرم رام، محمد احمد، عبدالله، انس، ستار، احمد نواز ۽ راشد شامل آهن

زخمي اهلڪارن ۾ وسيم، بلاول، نبيل، شهزاد، محمد ايوب، فاروق ۽ ابرار شامل، احمد فراز نالي هڪ اهلڪار حملي کانپوءِ گم ٿيل آهي.

 پوليس ذريعن موجب رات ڪچي اندر ڊيوٽي تي موجود 22 اهلڪار ٻن موبائيلن ۾ سوار ٿي موڪلن تي وڃي رهيا هئا ته سندن هڪ گاڏي برساتي پاڻي ۾ ڦاسي پئي.

ڌاڙيلن اوچتو راڪيٽ لانچرز ۽ ٻين هٿيارن سان مٿن حملو ڪري ڏنو، زخمي اهلڪارن کي رحيم يار خان جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، پوليس ذريعن موجب پنجاب پوليس تي حملو شر گينگ ۽ ڪوش گينگ جي ڌاڙيلن ڪيو.

ٻئي پاسي پنجاب پوليس پاران 12 اهلڪارن جي شهادت بعد ڪچي ۾ وڏو آپريشن شروع، ڌاڙيل بشير شر کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي.

3 ڌاڙيلن جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع، ماڇڪو ٿاڻي جي حد واري ڪچي ۾ پوليس اٽالا ۽ ايليٽ فورس جا ڪمانڊوز پهچي ويا، ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ سنڌ پوليس کان به مدد ورتي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔