تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ رٿيل اڄوڪو جلسو ملتوي ڪري ڇڏيو

راولپنڊي: تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ اڄ ٿيندڙ جلسو ملتوي ڪري 8 سيپٽمبر تي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا تحريڪ انصاف کي اڄ اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪندي اين او سي رد ڪري ڇڏيو هو.
ضلعي انتظاميا پي ٽي آءِ کي 8 سيپٽمبر تي جلسي جي اجازت ڏني، جنهن جو اجازت نامو به تحريڪ انصاف اڳواڻن حوالي ڪيو ويو، تحريڪ انصاف هاڻ 8 سيپٽمبر تي جلسو ڪندي.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر ۽ اعظم سواتي چيو ته عمران خان جي هدايت تي اسلام آباد ۾ جلسو 8 سيپٽمبر تي ٿيندو.
ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ اسلام آباد 40 هدايتن سان تحريڪ انصاف کي جلسي جو اجازت نامو جاري ڪيو آهي، جنهن موجب اسلام آباد انتظاميا 22 آگسٽ جو اين او سي مذهبي جماعتن جي احتجاج سبب رد ڪيو، 8 سيپٽمبر تي انتظاميا جلسي کي سيڪيورٽي فراهم ڪندي، جلسو ڪندڙ ڪنهن به شهري جا بنيادي حق متاثر نه ڪندا.
نوٽيفڪيشن تحت جلسي لاءِ ماڻهو 4 وڳي گڏ ٿيندا ۽ 7 وڳي پروگرام ختم ڪرڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔