فيض حميد جو اوپن ٽرائل ڪيو وڃي، عمران خان جو مطالبو

راولپنڊي: پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد جو اوپن ٽرائل جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته مان جنرل فيض حميد جي اوپن ٽرائل جو مطالبو ڪريان ٿو، ميڊيا کي اوپن ٽرائل جي ڪوريج تائين رسائي ڏني وڃي.عمران خان چيو ته فيض حميد جي اوپن ٽرائل سان ملڪ کي فائدو ٿيندو ۽ پاڪستان ترقي ڪندو.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو هو ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل فيض حميد کي فوج جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي حراست ۾ ورتو ويو آهي ۽ سندس خلاف ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.ان حوالي سان پنهنجي بيان ۾ عمران خان چيو هو ته فيض حميد جي گرفتاري کان ڊڄڻ وارو ناهيان، اهو فوج جو اندروني معاملو آهي.ان حوالي سان هڪ ٻئي بيان ۾ پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين چيو ته فيض حميد جو ڊرامو رچايو پيو وڃي، فيض حميد جو بيان قلمبند ڪري مون کي فوجي عدالت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔