پاڪستان پاران شاهين ٽو جو ڪامياب تجربو

اسلام آباد: پاڪستان اڱاري تي صبح جو زمين کان زمين تائن مار ڪندڙ شاهين ٽو ميزائيل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي.سالڊ فيول ءٌ ٻن استيجز واري هن ميزائيل جي رينج 1500 کان 3 هزار ڪلوميٽر آهي. پاڪ فوج جي عوامي تعلقات جي شعبي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) جو چوڻ آهي ته ٽريننگ لانچ جو مقصد فوجين جي تربيت جو جائزو وٺڻ، مختلف ٽيڪنيڪل پيرا ميٽرز جي تصديق ڪرڻ هو. آءِ ايس پي آر موجب ٽريننگ لانچ کي اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن جي سينيئر آفيسرن، آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ، اسٽريٽجڪ تنظيمن جي سائنسدانن ۽ انجنيئرن ڏٺو. بيان موجب صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي ان ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس ڪامياب تجربي تي مبارڪباد ڏني.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔