سپهه سالار هر مشوري ۾ اسان سان گڏ آهي: شهباز شريف

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ۽ آئيني ادارن وچ ۾ ايترو تعاون اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو ويو آهي، غريبن کي مهانگائي ۽ مهانگي بجلي مان فوري طور تي آزاد نه ٿا ڪرائي سگهون، رليف ڏيڻ جي حوالي سان سمورين اتحادي حڪومت ۽ آرمي چيف سان مشاورت ڪئي پئي وڃي، اهو ڪافي ناهي، ان لاءِ جامع پلان جوڙي رهيو آهيان.

وزيراعظم اسلام آباد ۾ علماءِ ۽ مشائخ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪي مسئلن جي حل لاءِ صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آرمي چيف به مشاورت ۾ شامل آهن، سمورن معاملن تي سياسي حڪومت ۽ اسان جا ادارا هڪ آهن.

هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ سنگين معاشي حالتون آهن، جن جو ذڪر سپهه سالار به ڪيو آهي، حافظ قرآن سپهه سالار جي جامع ڳالهه ٻولهه اسان جي لاءِ راهه مشعل آهي، هڪ ڀيرو ورجائيندس ته اسان جي سياسي حڪومت،ادارا ۽ سپهه سالار ان معاملي تي هڪ جان ٻه دليون آهن، اهو ئي طريقو آهي ته پاڪستان کي مشڪلات مان نجات ڏياري سگهجي ٿي.

هن چيو ته سپهه سالار جي پرجوش،ايمان افروز ۽ دلين کي گرمائيندڙ تقرير کانپوءِ وڌيڪ ڪنهن اضافي جي ضرورت ناهي ته هن قرآن ڪريم ۽ حديثن جي روشني ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيون اهو اسان سڀني لاءِ مشعل راهه آهي.

وزيراعظم چيو ته سوشل ميڊيا تي شهيدن جي بي حرمتي ڪئي پئي وڃي، 9 مئي کان وڌيڪ ڪو به دل ڏاريندڙ واقعو پاڪستان جي تاريخ ۾ ناهي ٿيو، جيڪي به پاڪستاني هجڻ جي دعويٰ ڪري رهيا آهن اهي ان لباس ۾ دشمني ڪري ڪري رهيا آهن، انهن کي سڃاڻڻو پوندو، شهباز شريف چيو ته معاشري ۾ ورهاست ختم ڪرڻ جي ذميواري عالمن تي عائد ٿئي ٿي، جيتري قومي اتحاد جي ضرورت آهي اها اڳ ڪڏهن به نه هئي، عالمن کان سواءِ ٻيو ڪوبه طبقو لائق ناهي جيڪو امن جي پيغام کي کڻي هلي.

هن وڌيڪ چيو ته غريب ماڻهو جي بجلي جا بل گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پاور سيڪٽر ۾ آئون ڏينهن رات گڏجاڻيون ڪري رهيو آهيان، خدا ڪري ته آءِ ايم ايف جو ايندڙ پروگرام آخري پروگرام ثابت ٿئي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته غريب ماڻهو مهانگائي ۾ ڦاسي پيو آهي، غريب کي فوري طور مهانگائي ۽ مهانگي بجلي مان آزاد نه ٿو ڪري سگهجي.

هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ڪوڙ ۽ ڪوڙ جو طوفان هلي رهيو آهي، ملڪ کي ورهايو پيو وڃي.

شهباز شريف چيو ته قائداعظم جي قيادت ۾ هن ملڪ لاءِ تحريڪ هلائي وئي، 14 آگسٽ تي 77 هون آزادي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، لکين ۽ ڪروڙين ماڻهن پنهنجي جانين جي قرباني ڏني، اسان جي ابن ڏاڏن هن ملڪ لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون. اسان کي اڄ جيترو متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي، شايد اهڙي اڳ نه هئي.

هن چيو ته اسان ترقياتي ڪمن مان ڪٽوتي ڪري بجلي صارفين کي رليف ڏيڻ لاءِ 50 ارب رپيا رکيا آهن، 200 کان 500 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ صارفين تي وڏو بار آهي.

شهباز شريف چيو ته اڄ ۽ سڀاڻي ۾ فرق اهو آهي ته هاڻي مڪمل مشاورت ٿي آهي ته جيئن ملڪ اڳتي وڌي سگهي، اميد آهي ته ان صورت ۾ مهانگائي ۽ بجلي جي مهانگائي جي بار مان غريب ماڻهو في الحال آزاد ٿي نه سگهندو پر ان کي وڌيڪ گهٽائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪيون پيون وڃن ۽ توهان ڏسندا ته تمام جلد صوبا ان بابت پنهنجو اعلان ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔