اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت حڪمن تي غور ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن سڀاڻي اجلاس طلب ڪري ورتو.
ذريعن موجب اجلاس ۾ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ۽ ليگل ونگز جا عملدار بريفنگ ڏيندا.
ان کانسواءِ اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي آرڊر جي روشني ۾ ان تي عملدرآمد جي مختلف رخن تي غور ڪيو ويندو.