ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وسڪارو، وڌيڪ برساتن جو امڪان

 ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي . ڪراچي ۾ ملير، گلشن معمار، گلشن اقبال، گلستان جوهر، گرو مندر، صدر، گارڊن، آءِ آءِ چندريگر روڊ، نارٿ ناظم آباد ۽ ٻين علائقن ۾ وسڪارو ٿيو

 حيدرآباد، ميرپورخاص، پليجاڻي، ٽنڊو آدم، پيرو لاشاري، اڏيرو لال ۽ پٿورو ۾ وسڪارو وقفي وقفي سان جاري آهي

 جاتي، بودر فارم، کپرو، سيراڻي، سٺ ميل ۽ ٻين شهرن ۾ به برسات پئي، موسم خوشگوار ٿي وئي

 ڇاڇرو ۾ برسات دوران وڄ ڪرڻ دوران هڪ نوجوان زخمي، 2 ٻڪريون سڙي مري ويون ، موسميات کاتي پاران وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔