نئون اين ايف سي ايوارڊ 14سالن کانپوءِ به اچڻ جا امڪان ختم، مدو وڌائڻ جو فيصلو

اسلام آباد : وفاقي حڪومت نئون اين ايف سي ايوارڊ ڏيڻ بدران 14 سال اڳ ڏنل ستين قومي مالياتي ڪميشن ( اين ايف سي ) ايوارڊ جي مدت ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو آهي

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، قومي مالياتي ايوارڊ جي مدت ۾ پهرين جولاءِ کان توسيع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ موجوده قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ ۾ واڌ ڪرڻ آئيني گهرج آهي

ذريعن موجب، قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ پنجن سالن لاءِ هوندو آهي، نئون ايوارڊ طئي نه ٿي سگهڻ ڪري حڪومت موجوده قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ جي مدت ۾ واڌ ڪرڻ جو آئيني آپشن استعمال  ڪري سگهي ٿي

ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ ۾ واڌ حڪومت جي سفارش تي صدر ڪندو آهي

ذريعن موجب، صوبن ۽ وفاق وچ ۾ 2010 کان ورڇ جوڳي وسيلن جي ورهاست جاري آهي، موجوده ايوارڊ ۾ وسيلن جي ورڇ 82 سيڪڙو آبادي ۽ 10 ڏهائي 3 سيڪڙو غربت جي بنياد تي ڪئي ويندي رهي آهي جڏهن ته وسيلن جي ورڇ  5 سيڪڙو ٽيڪس وصولين ۽ ايريا جي بنياد تي 2 ڏهائي 7 سيڪڙو ورڇ جوڳي پول ذريعي وسيلن جي ورڇ جو فارمولو طئه ٿيل آھي

ذريعن جو چوڻ آهي ته ستين ايوارڊ تحت صوبن کي ورڇ جوڳن وسلين جو 57 ڏهائي 5 سيڪڙو ۽ مرڪز کي 42 ڏهائي 5 سيڪڙو ملندو آهي. وفاقي حڪومت 2010 ۾ ڏنل اين ايف سي جي فارمولي کي برقرار رکرائڻ جي صدر کي سفارش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي جنهن ڪري وسيلن جي ورڇ ۾ صوبن جو حصو وڌي نه سگهندو ورڇ جوڳي پول تحت وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ورڇ جو فارمولو برقرار رهندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔