حڪومت سان ڳالهيون: پيپلز پارٽي بجيٽ اجلاس جو بائيڪاٽ وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد:  وفاقي حڪومت سان ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي کان پوءِ پيپلز پارٽي بجيٽ اجلاس جي بائيڪاٽ جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب پيپلز پارٽي طرفان بجيٽ تي ووٽ ڏيڻ بابت اڃان تائين فيصلو نه ٿي سگهيو پر پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سمورن قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي جنهن تي ميمبرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي

ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبرن وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ حڪومت سازي دوران ٿيندڙ معاهدي تي عمل تي عمل ڪرڻ جو يقين ڏياريو.

مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي جي ڳالهين واري ڪميٽي وچ ۾ اڄ ٻيهر ڳالهيون شيڊول آهن. ڌريون سمورن معاملن تي اتفاق راءِ کان سواءِ سمورن معاهدن تي لکت به ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔