ملڪ لاءِ جان قربان ڪندڙ سپاهي هارون وليم جون آخري رسمون ادا، وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي شرڪت

راولپنڊي: ڪرم ضلعي ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ جان قربان ڪندڙ سپاهي هارون وليم جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون.

آءِ ايس پي آر موجب سپاهي وليم هارون جون آخري رسمون سينٽ پال چرچ راوالپنڊي ۾ ادا ڪيون ويون، جتي وزيرعظم شهباز شريف، آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ دفاع وارو وزير خواجه آصف سپاهي جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي

29 ورهين جي سپاهي هارون وليم گذريل ڏينهن ڪرم ۾ ملڪ جو دفاع ڪندي پنهنجي جان قربان ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم  عيسائي برادري جي ملڪ جي ترقي ۾ خدمتن ۽ قربانين جي تعريف ڪندي چيو ته هٿياربند فوج مختلف پس منظر سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو گڏيل حصو آهي جيڪي رياست جي اجتماعي دفاع جي لاءِ ڪوشان آهن.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف سپاهي هارون وليم سپاهي انوش ۽ ان جي ساٿين جي خدمت جي تعريف ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب حوالدار عقيل احمد، لانس نائيڪ محمد تفير، سپاهي انوش روفن ۽ سپاهي محمد اعظم خان جي تدفين ان جي اباڻي علائقي ۾ ڪئي وئي آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڪرم جي علائقي سده ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي بارودي سرنگ سان ٽڪرائجي وئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ 5 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔