ڪراچي ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج جو سلسلو جاري

ڪراچي: ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف عوام طرفان ڪيل احتجاج جو سلسلو جاري آهي. اختيارين کي مسئلا حل نه ڪرڻ جي صورت ۾ احتجاج جاري رکڻ کان خبردار ڪيو ويو آهي.

شهرين ڪيترن ئي علائقن گرو مندر، لياقت آباد، ابوالحسن اصفهاني روڊ، مدارس چوڪ، ڪورنگي، ناصر جمپ، باغ ڪورنگي، شاهراهه فيصل، بابا ڪانٽا، ڪورنگي، مرتضي چورنگي ۽ چورنگي ڀرسان بجلي ۽ پاڻي جي ستايل علائقي جي رهواسين احتجاج ڪندي ٽريفڪ بلاڪ ڪري ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ متاثر علائق ۾ ٽريفڪ جي روانگي سخت متاثر ٿيڻ سبب سمورو نظام درهم برهم ٿي ويو.

ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿيڻ سبب عام شهرين کي انتهائي اذيتناڪ صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو. بجلي ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف ٿيل احتجاج جي دوران مظاهرين طرفان ڪي اليڪٽرڪ جي سفاڪانه لوڊشيڊنگ ۽ ڪيبل فالٽس جي خلاف نعرا لڳايا ويا.

ان موقعي تي مظاهرين حڪومتي عهديدارن کان مطالبو ڪيو ته شهرين کي زندگي جون بنيادي سهولتون بجلي، پاڻي ۽ گيس جي فراهمي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو  سلسلو جاري رهندو.

مظاهرين جو چوڻ هو ته مختلف سياسي پارٽين جي چونڊيل نمائندن به پراسرار خاموشي اختيار ڪري رکيل آهي اليڪشن ۾ چونڊجڻ کان پوءِ عوام جي خدمت جا دعويدار منظر تان غائب آهن ۽ ائين لڳي ٿو ته پنهنجي ڪاميابي کان پوءِ انهن کي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾  ڪنهن به قسم جي دلچسپي نه آهي.

متاثر علائقن ۾ ٽريفڪ روانگي برقرار رکڻ جي لاءِ ٽريفڪ پوليس جو عملو به موقعي تي پهچي ويو جنهن کان پوءِ گاڏين کي متبادل رستن طرف موڙيو ويو پر ٽريفڪ جي شديد دٻاءُ سبب گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳيون ويون جنهن سبب بدترين ٽريفڪ جام ڏسڻ ۾ آيو. بجلي ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪندڙ شهرين کي پوليس ڳالهين کان پوءِ پرامن طور تي ڇڙوڇڙ ڪري ٽريفڪ بحال ڪرائي ڇڏي.

ٻئي طرف ڪي اليڪٽرڪ اختيارين جي دعويٰ آهي ته ڪنهن به علائقي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ نه پئي ڪئي وڃي وبيٽ سائيٽ تي جاري ڪيل شيڊول موجب شهر ۾ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔