تحريڪ انصاف جو پارليامينٽ ۽ اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران احتجاجي مارچ

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي پارليامينٽ ميمبرن اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب جي قيادت ۾ پارليامينٽ هائوس جي ٻاهران احتجاج ڪندي اليڪشن ڪميشن تائين مارچ ڪيو.

پوليس اليڪشن ڪميشن ڏانهن ويندڙ رستا بند ڪندي ميمبرن کي اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران شاهراهه دستور تي روڪي ڇڏيو. پي ٽي آءِ ميمبرن اليڪشن ڪميشن جي آفيس ٻاهران نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي عمر ايوب ڳالهيون ڪندي چيو ته اليڪشن ڪمشنر جو صرف هڪ ئي ڪم هو ته صاف شفاف چونڊون ڪرائي، پر اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊون ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.

عمر ايوب چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ڪميشن جا ٻيا ميمبر فوري طور تي استعيفائون ڏين، اليڪشن ڪميشن جيڪو بجيٽ گهريو ان مان صرف 16 ارب خرچ ڪيا ويا.

بيرسٽر گوهر چيو ته اسان جي اپوزيشن اڳواڻ لاءِ عدالتن جا دروازا بند ڪيا ويا، اسان جون عورتون جيل ۾ آهن انهي کي به تاريخ ياد رکندي. دير سان انصاف ڪرڻ به ناانصافي آهي.

ان موقعي تي اسد قيصر چيو ته پارليامينٽ ۾ به اسان جو آواز نه ٿو ٻڌو وڃي. جيڪو اسان سان زيادتي جي برابر آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔