کنگهه جا 2 سيرپ ۽ ٻيون 2 دوائون هاڃيڪار قرار

ڪراچي : ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي (ڊريپ) صحت لاءِ خطرناڪ قرار ڏيندي ٻن شربتن سميت 4 دوائن جي متاثر بيچ جي وڪري تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

ڊريپ سمورن ڪيمسٽ شاپس کي چيو آهي ته اهي متاثر ٿيل بيچز جي خريد ۽ وڪري کي بند ڪن ۽ موجود اسٽاڪ کي چيڪ ڪن ۽ ڊاڪٽرن کي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي متاثر ٿيل بيچز مريضن تي استعمال نه ڪن.

ڊريپ چيو آهي ته جيئن ته دوائون غير معياري آهن، تنهن ڪري انهن جو استعمال انساني صحت لاءِ تباهه ڪندڙ ٿي سگهي ٿو.

ڊريپ موجب ٽوزن ڊي سسپينشن آرپس پائوڊر جي هڪ بيچ غير معياري آهي. Torax ۽ Zondsyrup جون 7 بيچز غير معياري آهن جڏهن ته Envil انجيڪشن ۽ Metrovan Syrup جي هڪ هڪ بيچ هاڃيڪار آهي.

ڊريپ موجب زونڊ سيرپ ۽ ٽورڪس ۾ ايٿيلين گلائڪول جو وڏو مقدار مليو جنهن ڪري انهن جي بيچ جي وڪرو تي پابندي لڳائي وئي آهي.

ڊريپ مان غير معياري ۽ خطرناڪ دوائن جي پراڊڪٽ ريڪال الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، پنجاب ڊرگ ڪنٽرول ڊائريڪٽوريٽ جا نمونا ٽيسٽنگ ليب موڪليا هئا.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي (ڊريپ) مارڪيٽ مان سور ۽ سوڄ کي ختم ڪندڙ انجيڪشن واپس وٺڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔