آرمينيا پاران فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ جو اعلان

آرمينيا فلسطين کي رياست طور تي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب جمعي تي آرمينيا جي پرڏيهي وزارت فلسطين کي رياست طور تي تسليم ڪندي اسرائيل طرفان شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ جي مخالفت ڪئي.
آرمينيا جي پرڏيهي وزارت طرفان چيو ويو ته عالمي قانون، خودمختاري ۽ امن لاءِ پنهنجي وابستگي کي تصديق ڪندي جمهوريا آرمينيا فلسطين جي رياست کي تسليم ڪري ٿو.
ياد رهي ته گذريل مهيني ناروي،آئرلينڊ ۽ اسپين به فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔