اسلام آباد جا سياستدان هڪٻئي سان هٿ ملائڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ به تيار نه آهن: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد: بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سٺو ٿئي ها ته حڪومت سمورن اتحادين سان ڳالهائڻ بعد بجيٽ ٺاهي ها، بجيٽ ۾ پيپلز پارٽي جي راءِ شامل ٿئي ها ته سٺي نموني اڳتي وڌي سگهون ها

شهباز شريف مان اُميد آهي، سندس نيت صاف آهي ته پيپلزپارٽي سان ڪيل واعدا پاڙيا ويندا، پ پ چيئرمين جو لياري ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي سالگرهه تي ڪوٺايل جلسي کي خطاب

بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ هڪ پاسي معاشي ته ٻئي پاسي سياسي بحران آهي، سياسي پارٽيون پنهنجي انا لاءِ پاڪستان کي نقصان پهچائي رهيون آهن

اسلام آباد جا سياستدان هڪٻئي سان هٿ ملائڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ به تيار نه آهن، معاشري ۾ نفرت جي سياست ڦهلائي پئي وڃي، حڪومت ۾ هجون يا اپوزيشن ۾، اسان جو فرض آهي ته عوام جي نمائندگي ڪريون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔