اسلام آباد: فيبروري تي ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن لاءِ پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ پولنگ عملي کي چونڊ سامان جي ورهاست جو عمل شروع ٿي ويو آهي.
ملتان ۾ قومي جي 6 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 12 تڪن جي پرزائيڊنگ آفيسرن کي سامان جي فراهمي جي شروعات ڪئي وئي آهي. پولنگ سامان فراهم ڪرڻ جي لاءِ 3 سينٽرز ٺاهيا ويا آهن.
اين اي 148، اين اي 149، اين اي 150 ۽ اين اي 151 جي پرزائيڊنگ آفيسرن کي سامان ملتان پبلڪ اسڪول مان فراهم ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته اين اي 152 جي لاءِ شجاع آباد ۽ اين اي 153 جي لاءِ جلال پور پيروالا ۾ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي.
ڊسٽرڪٽ ريٽرنگ آفيسر چيو آهي ته پولنگ سامان سخت سيڪيورٽي ۾ پرزائيڊنگ آفيسرن کي فراهم ڪيو پيو وڃي. پولنگ سامان پوليس جي سيڪيورٽي ۾ پولنگ اسٽيشن تائين پهچايو پيو وڃي. پولنگ سامان جي ورهاست شام 6 وڳي تائين مڪمل ڪئي ويندي.