عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ سينيٽ ۾ هڪ نئون ٺهراءُ پيش

عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ سينيٽ ۾ هڪ نئون ٺهراءُ پيش ڪيو ويو آهي

آزاد پارلياماني گروپ جي سينيٽر هدايت الله سينيٽ ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو

ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي چئلينجز سبب 3 مهينن لاءِ عام چونڊون ملتوي ڪيون وڃن

چونڊ مهم دوران اميدوارن تي قاتلاڻن حملن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن کي اپيل ڪري ٿي ته چونڊون ملتوي ڪرڻ واري بابت همدرداڻو غور ڪيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔