ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس متاثر ٿيڻ جي شڪايت تي جاچ ڪئي پئي وڃي: پي ٽي اي

اسلام آباد:  پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي(پي ٽي اي) وضاحت ڏيندي چيو آهي ته گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا سائٽس متاثر ٿيڻ جي شڪايت تي جاچ ڪئي پئي وڃي.

پي ٽي اي طرفان گذريل ڏينهن سوشل ميديا سروس متاثر ٿيڻ جي شڪايت تي بيان جاري ڪيو ويو آهي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جي ڪجهه علائقن ۾ انٽرنيٽ جي سست رفتاري جي شڪايت جي جاچ ڪئي پئي وڃي

پي ٽي اي موجب سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ تائين پهچ جي گڏيل صورتحال هاڻ نارمل آهي. پاڪستان ۾ آچر تي فيس بڪ، يو ٽيوب، انسٽاگرام ۽ ايڪس جي سروس ڪيترائي ڪلاڪ متاثر هيون جيڪي هاڻ بهتر ٿي ويون آهن.

ياد رهي ته گذريل رات سموري پاڪستان ۾ يو ٽيوب ۽ ٽوئٽر(ايڪس) جي سروس ڊائون ٿيڻ جون شڪايتون سامهون آيون هيون  عوام ۽ ٻين ڪاروباري ادارن کي پنهنجا روزاني جا معاملا اڪلائڻ لاءِ سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔