غير شرعي نڪاح ڪيس: بشريٰ بي بي جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور

اسلام آباد: غير شرعي نڪاح ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪئي وئي آهي.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف غير شرعي نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. سينئر سول جج قدرت الله ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار خاور مانيڪا جي وڪيل رضوان عباسي جو مددگار وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ عدالت کي ٻڌايو ته رضوان عباسي هاءِ ڪورٽ ۾ آهي ان جي لاءِ استدعا اهي ته ڪيس جي ٻڌڻي ۾ وقفو ڪيو وڃي.

مددگار وڪيل چيو ته رضوان عباسي 11 وڳي ڪرٽ ۾ پيش ٿي ويندو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ۾ 11 وڳي تائين وقفو ڪري ڇڏيو.

وقفي کان پوءِ ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته عدالت ۾ بشريٰ بي بي جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي. سندس وڪيل عثمان گل عدالت کي ٻڌايو ته بشريٰ بي بي جي طبيعت صحيح نه هجڻ سبب لاهور ۾آهي. وڪيل عثمان گل ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني  جي پروڊڪشن آرڊر تي اڃان تائين عمل نه ٿيو آهي جنهن تي عدالت چيو ته پي ٽي آءِ باني جي پروڊڪشن رپورٽ جو انتظار ڪري ٿا وٺون.

وڪيل عثمان گل چيو ته جيل مان جيڪا رپورٽ ايندي آهي ان جي اوهان کي خبر آهي جنهن تي معزز جج چيو ته مون کي خبر ناهي اوهان ٻڌائي ڇڏيو ڪهڙي رپورٽ آئي آهي.

عثمان گل چيو ته سپريم ڪورٽ چونڊن جو حڪم ڏنو هو ان تي عمل نه ٿيو جنهن تي جج قدرت الله چيو ته اوهان پنهنجو پاڻ کي هن ڪيس تائين محدود رکو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔